طارق احمد ميمڻ

طارق احمد ميمڻ

طارق احمد ميمڻ

طارق احمد ميمڻ: ليکڪ ۽ رٽائر ڪامورو طارق احمد ولد فضل الله ميمڻ، 20 اپريل 1952ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. هن گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ 1968ع ۾ ۽ 1972ع ۾ سي.اينڊ.ايس ڪاليج شڪارپور مان گريجوئيشن ڪئي. سندس والد فضل الله ميمڻ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۽ بعد ۾ ڪپڙي جو واپار ڪندو هو ۽ شڪارپور جي مشهور شاهي بازار ۾ سندس پنهنجو ڪپڙي جو دڪان هو. طارق احمد سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1974ع ڌاري ايم.اي (بين الاقوامي تعلقات) ۽ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل.ايل.بي جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس وڏو ڀاءُ عزيز الله ميمڻ ڪوئٽيا- بلوچستان جو سينئر وڪيل هو، جنهن سان گڏ هي پڻ ڪوئٽيا ۾ بحيثيت جونيئر وڪيل رهيو ۽ ڪجهه عرصو وڪالت ڪيائين.
طارق 1978ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو مقابلي وارو امتحان پاس ڪري مختيارڪار ۽ FCM مقرر ٿيو. 1985ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر طور ترقي ڪيائين ۽ مختلف سب ڊويزنن جهڙوڪ: وارهه، ميهڙ، جيڪب آباد، ٽنڊي محمد خان ۽ گهاري ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. جنهن بعد ترقيون ماڻيندو 18 گريڊ ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سيڪريٽري، اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري، جيڪب آباد ضلعي ۾ ڊي. او (روينيو ) رهيو. گريڊ 19 ۾ اچڻ کانپوءِ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ اي ڊي او (روينيو) ۽ ڪين ڪمشنر سنڌ ۽ ڊي سي او ٽنڊو الهيار طور خدمتون سرانجام ڏنيون. 2012ع ۾ گريڊ 20 ملڻ کانپوءِ سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو. هن وقت پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي.
طارق احمد ميمڻ جو ننڍپڻ شڪارپور جي علمي ۽ ادبي ماحول ۾ گذريو. پاڻ جڳن ناٿ لائبرريءَ ۽ ٻين لائبررين جو ميمبر ٿي مطالعو ڪندو رهيو. کيس ٽپال ٽڪلين ۽ ناياب سڪن گڏ ڪرڻ جو شوق جنون جي حد تائين رهيو. هن وقت به سندس رڪارڊ ۾ سوين اڻ لڀ سڪا، هزارين قيمتي ڪتاب موجود آهن. طارق احمد ميمڻ گذريل پندرهن- ويهه سالن کان خوبصورت پٿرن کي گڏ ڪري انهن تي تحقيق جو ڪم پڻ ڪيو آهي. لاهور ۾ تاريخي ماڳ گهمندي هن هڪ دڪان تان خوبصورت ۽ قيمتي پٿر خريد ڪيا ۽ پوءِ انهيءَ مشغلي ۾ تحقيق ڪندي هن هڪ ڪتاب پڻ لکي ورتو. انهيءَ شوق تحت هن ملڪ جي مختلف شهرن ۽ ٻاهرين ملڪن جا سفر پڻ ڪيا. سندس ذاتي ڪليڪشن ۾ ڪيترائي ناياب پٿر، سڪا ۽ ٻيون قديمي نوادرات پڻ موجود آهن، جنهن ڪري سندس گهر هڪ ميوزيم جو ڏيک ڏئي ٿو. سندس ڪتاب ’قيمتي پٿرن جي خوشنما ۽ خوبصورت دنيا‘ نالي سان 2013ع ۾ ڇپيو آهي. جنهن ۾ ناياب ۽ قيمتي پٿرن جي اهميت ۽ علم بابت ڄاڻ شامل آهي.


لفظ طارق احمد ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو